مڪاشفو 19:3-9 SCLNT

3 ھنن وري ٻيو دفعو پڪاري چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف.انھيءَ وڏي شھر جو دونھونھميشہ ھميشہ تائين پيو اٿندو رھندو.“

4 پوءِ انھن چوويھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪيو، جيڪو تخت تي ويٺو ھو ۽ چوڻ لڳا تہ”آمين، خداوند خدا جي تعريف.“

5 پوءِ تخت مان ھڪڙو آواز آيو تہ”اي خدا جا ٻانھؤ!ننڍا توڙي وڏا، جيڪي کانئس ڊڄو ٿا،سي سڀ خدا جي تعريف ڪريو.“

6 پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف،ڇالاءِ⁠جو خداوند اسان جو خداجيڪو قادرِمطلق آھي،سو بادشاھي ٿو ڪري.

7 اچو تہ اسين خوش ٿيون،۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون،ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.

8 انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙاپائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن.ڇاڪاڻ⁠تہ عمدن ڪپڙن مان مرادخدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“

9 ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“