مڪاشفو 2:1-7 SCLNT

1 ھن چيو تہ ”اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن کي پنھنجي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا آھن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ ھلي ٿو، سو چوي ٿو تہ

2 مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي محنت ۽ صبر جي خبر آھي ۽ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آھن ڪين، تن کي اوھان آزمائي ڏٺو تہ اھي ڪوڙا نڪتا.

3 منھنجي نالي جي ڪري اوھين سختيون سھندي سھندي بہ ڪين ٿڪيا آھيو، بلڪ بردباريءَ سان ھلندا ٿا رھو.

4 پر اوھان جي باري ۾ آءٌ ايترو چوندس تہ اوھان مون سان پھريون پيار ڇڏي ڏنو آھي.

5 تنھنڪري ياد ڪريو تہ اوھين ڪٿان ڪريا آھيو ۽ پوءِ توبھہ⁠تائب ٿي اڳي جھڙا ڪم ڪريو. جيڪڏھن اوھان توبھہ نہ ڪئي تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ۽ اوھان جو شمعدان مقرر جاءِ تان ھٽائي ڇڏيندس.

6 پر اوھان ۾ اوھان جي فائدي جي ھڪڙي ڳالھہ آھي تہ اوھين نڪولين جي ڪمن کان نفرت ڪريو ٿا، جن کان مون کي بہ نفرت آھي.

7 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“