10 جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.
11 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.“
12 ”پرگمن واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ ٻہمنھين تکي تلوار آھي سو چوي ٿو تہ
13 مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.
14 پر مون کي اوھان جي باري ۾ ڪجھہ ڳالھيون چوڻيون آھن. ڇالاءِجو اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنھن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي رستي تي ٿاٻڙائڻ جھڙي شيءِ رکي تہ جيئن ھو بتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.
15 اھڙيءَ طرح اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جيڪي نڪولين جي تعليم تي عمل ڪن ٿا.
16 تنھنڪري توبھہتائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوھان وٽ ايندس ۽ پنھنجي وات جي تلوار سان انھن سان وڙھندس.