مڪاشفو 2:15-21 SCLNT

15 اھڙيءَ طرح اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جيڪي نڪولين جي تعليم تي عمل ڪن ٿا.

16 تنھنڪري توبھہ⁠تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوھان وٽ ايندس ۽ پنھنجي وات جي تلوار سان انھن سان وڙھندس.

17 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“

18 ”ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ خدا جو فرزند جنھن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنھن جا پير صاف ٿيل پتل جھڙا آھن،

19 سو چوي ٿو تہ مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي پيار ۽ ايمان، خدمت ۽ صبر جي خبر آھي. آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جا پويان ڪم پھرين کان وڌيڪ آھن.

20 پر مون کي اوھان جي باري ۾ ھي چوڻو آھي تہ اھا عورت اِيزبل، جيڪا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنھن کي اوھين برداشت ڪريو ٿا، جيتوڻيڪ اھا منھنجي ٻانھن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراھہ ٿي ڪري.

21 مون انھيءَ کي مھلت ڏني تہ توبھہ⁠تائب ٿئي، پر ھوءَ پنھنجي زناڪاريءَ کان توبھہ ڪرڻ نہ ٿي چاھي.