مڪاشفو 2:3-9 SCLNT

3 منھنجي نالي جي ڪري اوھين سختيون سھندي سھندي بہ ڪين ٿڪيا آھيو، بلڪ بردباريءَ سان ھلندا ٿا رھو.

4 پر اوھان جي باري ۾ آءٌ ايترو چوندس تہ اوھان مون سان پھريون پيار ڇڏي ڏنو آھي.

5 تنھنڪري ياد ڪريو تہ اوھين ڪٿان ڪريا آھيو ۽ پوءِ توبھہ⁠تائب ٿي اڳي جھڙا ڪم ڪريو. جيڪڏھن اوھان توبھہ نہ ڪئي تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ۽ اوھان جو شمعدان مقرر جاءِ تان ھٽائي ڇڏيندس.

6 پر اوھان ۾ اوھان جي فائدي جي ھڪڙي ڳالھہ آھي تہ اوھين نڪولين جي ڪمن کان نفرت ڪريو ٿا، جن کان مون کي بہ نفرت آھي.

7 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“

8 ”سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو اول ۽ آخر آھي، جيڪو مري ويو ھو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ

9 مون کي اوھان جي مصيبت ۽ غريبيءَ جي خبر آھي، پر اوھين دولتمند آھيو. جيڪي اوھان جي گلا پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اُھي پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين پر آھن ڪين، اھي شيطان جو ٽولو آھن.