مڪاشفو 2:7-13 SCLNT

7 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“

8 ”سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو اول ۽ آخر آھي، جيڪو مري ويو ھو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ

9 مون کي اوھان جي مصيبت ۽ غريبيءَ جي خبر آھي، پر اوھين دولتمند آھيو. جيڪي اوھان جي گلا پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اُھي پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين پر آھن ڪين، اھي شيطان جو ٽولو آھن.

10 جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.

11 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.“

12 ”پرگمن واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ ٻہ⁠منھين تکي تلوار آھي سو چوي ٿو تہ

13 مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.