مڪاشفو 20:1-7 SCLNT

1 اُن کان پوءِ مون ھڪڙي ملائڪ کي آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو، جنھن جي ھٿ ۾ اوڙاھہ جي ڪنجي ۽ ھڪڙو وڏو زنجير ھو.

2 ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.

3 ھُن کيس انھيءَ اوڙاھہ ۾ اڇلائي اُتي بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿس مُھر ھڻي ڇڏيائين، تہ جيئن ھزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراھہ نہ ڪري. انھيءَ کان پوءِ ضروري آھي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.

4 پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا.

5 جيستائين ھزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مُڙدا جيئرا نہ ٿيا. اھو پھريون جيئرو ٿي اٿڻ آھي.

6 سڀاڳو ۽ پاڪ آھي اُھو، جيڪو انھيءَ پھرين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿو ٿئي. اھڙن ماڻھن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو ھلي. اُھي خدا ۽ مسيح جا ڪاھن ٿيندا ۽ ساڻس گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا.

7 جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو.