مڪاشفو 20:4-10 SCLNT

4 پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا.

5 جيستائين ھزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مُڙدا جيئرا نہ ٿيا. اھو پھريون جيئرو ٿي اٿڻ آھي.

6 سڀاڳو ۽ پاڪ آھي اُھو، جيڪو انھيءَ پھرين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿو ٿئي. اھڙن ماڻھن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو ھلي. اُھي خدا ۽ مسيح جا ڪاھن ٿيندا ۽ ساڻس گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا.

7 جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو.

8 ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي.

9 ھو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ خدا جي قوم جي لشڪرگاھہ ۽ پياري شھر کي وڪوڙي ويندا. پر آسمان مان باھہ نڪرندي ۽ انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي.

10 پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.