مڪاشفو 20:6-12 SCLNT

6 سڀاڳو ۽ پاڪ آھي اُھو، جيڪو انھيءَ پھرين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿو ٿئي. اھڙن ماڻھن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو ھلي. اُھي خدا ۽ مسيح جا ڪاھن ٿيندا ۽ ساڻس گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا.

7 جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو.

8 ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي.

9 ھو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ خدا جي قوم جي لشڪرگاھہ ۽ پياري شھر کي وڪوڙي ويندا. پر آسمان مان باھہ نڪرندي ۽ انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي.

10 پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.

11 پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.

12 مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. ڪتاب کوليا ويا ۽ اُن سان گڏ ھڪ ٻيو ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب بہ کوليو ويو ۽ جھڙيءَ طرح انھن ڪتابن ۾ لکيل ھو، تھڙيءَ طرح انھن جي ڪمن مطابق مئلن جو انصاف ڪيو ويو.