1 پوءِ مون ھڪڙو نئون آسمان ۽ ھڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇالاءِجو پھريون آسمان ۽ پھرين زمين ڪانہ رھي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ ھو.
2 مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي.
3 مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو.
4 ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِجو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“