10 ھو مون کي رويا جي حالت ۾ ھڪڙي وڏي ۽ مٿاھين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شھر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لھندو ڏيکاريائين.
11 اُن ۾ خدا جو جلوو ھو ۽ تمام قيمتي ھيري جواھر وانگر چمڪي رھيو ھو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اھڙو صاف جھڙو بلور.
12 اُن جي ڀت وڏي ۽ مٿاھين ھئي، کيس ٻارھن دروازا ھئا، جن تي ٻارھن ملائڪ بيٺا ھئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا نالا لکيل ھئا.
13 ٽي دروازا اڀرندي ڏانھن ھئا، ٽي دروازا اتر ڏانھن، ٽي دروازا ڏکڻ ڏانھن ۽ ٽي دروازا الھندي ڏانھن ھئا.
14 انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا.
15 جنھن ملائڪ مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙي سوني لٺ ھئي، جنھن سان ھو شھر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڀت کي ماپي سگھي.
16 اھو شھر چوڪنڊو ھو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر ھڪ جيتري ھئي. ھُن انھيءَ لٺ سان شھر جي ماپ ڪئي تہ اھو ٻارھن ھزار فرلانگ ٿيو. اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي ھڪ جيتري ھئي.