19 شھر جي ڀت جا بنياد ھر قسم جي ھيرن جواھرن سان سينگاريل ھئا. پھريون بنياد زبرجد جو ھو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شب چراغ جو، چوٿون زمرد جو،
20 پنجون عقيق جو، ڇھون لعل جو، ستون سونھري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏھون لاجورد جو، يارھون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارھون ياقوت جو ھو.
21 شھر جا ٻارھن ئي دروازا موتين جا ھئا ۽ ھر ھڪ دروازو ھڪ ھڪ موتيءَ جو ھو. شھر جي سڙڪ خالص سون جي ھئي ۽ شيشي جھڙي صاف ھئي.
22 مون شھر ۾ ڪوبہ ھيڪل ڪونہ ڏٺو، ڇالاءِجو خداوند خدا قادرِمطلق ۽ گھيٽو ئي سندس ھيڪل آھي.
23 انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِجو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.
24 انھيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ دنيا جا بادشاھہ منجھس پنھنجو شان وَ شوڪت آڻيندا.
25 شھر جا دروازا ڏينھن جو ڪڏھن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اُتي ٿيندي ئي ڪانہ.