1 پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِحيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،
2 انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.
3 اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.
4 اُھي ھن جو منھن ڏسندا ۽ سندس نالو ھنن جي پيشانيءَ تي لکيل ھوندو.
5 اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِجو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.