مڪاشفو 22:1-6 SCLNT

1 پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،

2 انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.

3 اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.

4 اُھي ھن جو منھن ڏسندا ۽ سندس نالو ھنن جي پيشانيءَ تي لکيل ھوندو.

5 اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.

6 پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”ھي ڳالھيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آھن.“ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جن جو جلد ٿيڻ ضروري آھي.