مڪاشفو 22:4-10 SCLNT

4 اُھي ھن جو منھن ڏسندا ۽ سندس نالو ھنن جي پيشانيءَ تي لکيل ھوندو.

5 اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.

6 پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”ھي ڳالھيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آھن.“ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جن جو جلد ٿيڻ ضروري آھي.

7 جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ سڀاڳو آھي اھو جيڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين کي مڃي ٿو.

8 آءٌ يوحنا، اھو آھيان جنھن اھي ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏھن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏھن انھيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنھن مون کي اھي ڳالھيون ڏيکاريون.

9 پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“

10 پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي.