مڪاشفو 22:8-14 SCLNT

8 آءٌ يوحنا، اھو آھيان جنھن اھي ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏھن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏھن انھيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنھن مون کي اھي ڳالھيون ڏيکاريون.

9 پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“

10 پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي.

11 جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آھي سو ڀلي ناپاڪ پيو رھي، جيڪو نيڪ آھي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آھي سو ڀلي پاڪ ٿيندو رھي.“

12 جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.

13 اول ۽ آخر، پھريون ۽ پويون ۽ ازلي ۽ ابدي آءٌ آھيان.“

14 سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.