9 پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“
10 پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِجو وقت ويجھو آھي.
11 جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آھي سو ڀلي ناپاڪ پيو رھي، جيڪو نيڪ آھي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آھي سو ڀلي پاڪ ٿيندو رھي.“
12 جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.
13 اول ۽ آخر، پھريون ۽ پويون ۽ ازلي ۽ ابدي آءٌ آھيان.“
14 سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.
15 پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بتپرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.