مڪاشفو 3:13-19 SCLNT

13 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.“

14 ”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ

15 مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي. اوھين نہ ٿڌا آھيو نڪي گرم، اوھين ٿڌا يا گرم ھجو ھا تہ چڱو ٿئي ھا.

16 پر اوھين نہ گرم نڪي ٿڌا، بلڪ نيم گرم آھيو. تنھنڪري آءٌ اوھان کي پنھنجي وات مان ٿوڪاري ڇڏيندس.

17 اوھين چئو ٿا تہ اسين دولتمند آھيون ۽ گھڻي دولت گڏ ڪئي اٿئون ۽ ڪنھن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ اٿئون. پر اوھان کي اھا خبر ڪانھي تہ اوھين بد⁠بخت، ڏکيا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آھيو.

18 تنھنڪري آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باھہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ پاڪ صاف پوشاڪ بہ وٺو تہ پنھنجي اوگھڙ ڍڪي سگھو ۽ شرمسار نہ ٿيو. پنھنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.

19 آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو.