10 تو انھن کي ھڪ اھڙي بادشاھت بڻايو،جنھن جو ھر فرد ڪاھن آھي،تہ جيئن ھو اسان جي خدا جي خدمت ڪري،اُھي زمين تي بادشاھي ڪندا.“
11 ڏسندي ڏسندي مون تخت، ساھوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، انھن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ ھو.
12 اُھي وڏي آواز سان ڳائي رھيا ھئا تہ”گھيٽو جو ڪٺو ويو آھي،سو ئي قدرت، دولت، حڪمت،طاقت، عزت، جلال۽ تعريف جي لائق آھي.“
13 پوءِ مون آسمان، زمين، زمين جي ھيٺان ۽ سمنڊ جي سڀني خلقيل شين کي ھي چوندي ٻڌو تہ”جيڪو تخت تي ويٺو آھي،تنھن جي ۽ گھيٽي جي تعريف،عزت، جلال ۽ حڪومت،شل ھميشہ تائين قائم رھي.“
14 انھن چئني ساھوارن چيو ”آمين.“ پوءِ اُھي بزرگ منھن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.