مڪاشفو 5:4-10 SCLNT

4 آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ انھيءَ ڪتاب کي کولڻ يا اُن ۾ نھارڻ جي لائق نہ نڪتو.

5 تڏھن بزرگن مان ھڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ، ڏس، ھو يھوداہ قبيلي جو شينھن جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ غالب پيو آھي، سو ئي انھيءَ ڪتاب کي کولي ۽ ستن ئي مُھرن کي ٽوڙي ٿو سگھي.“

6 مون انھيءَ تخت ۽ چئن ساھوارن ۽ انھن بزرگن جي وچ ۾ ھڪڙو گھيٽو بيٺل ڏٺو، جنھن کي ڄڻ تہ ڪُٺو ويو ھو. انھيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون ھيون. اُھي خدا جا ست روح آھن جيڪي ساري جھان ۾ موڪليا ويا آھن.

7 گھيٽو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن جي ساڄي ھٿ مان ڪتاب ورتائين.

8 جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.

9 پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين.ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين،۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان،ماڻھن کي تو پنھنجي رت سانخدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.

10 تو انھن کي ھڪ اھڙي بادشاھت بڻايو،جنھن جو ھر فرد ڪاھن آھي،تہ جيئن ھو اسان جي خدا جي خدمت ڪري،اُھي زمين تي بادشاھي ڪندا.“