مڪاشفو 6:3-9 SCLNT

3 جڏھن گھيٽي ٻي مُھر ٽوڙي تہ مون ٻئي ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“

4 ايتري ۾ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو ڳاڙھو ھو. ان جي سوار کي ھي اختيار ڏنو ويو تہ ھو زمين تي صلح کي رھڻ نہ ڏئي، تہ جيئن ماڻھو ھڪٻئي کي ماري ڇڏين. انھيءَ مقصد لاءِ ھن کي ھڪ وڏي تلوار ڏني ويئي.

5 جڏھن گھيٽي ٽئين مُھر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ“ ۽ مون ڏٺو تہ ھڪڙو ڪارو گھوڙو نظر آيو. ان جي سوار جي ھٿ ۾ تارازي ھئي.

6 مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“

7 جڏھن گھيٽي چوٿين مُھر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساھواري کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اچ،“

8 ۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين.

9 جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.