مڪاشفو 6:5-11 SCLNT

5 جڏھن گھيٽي ٽئين مُھر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ“ ۽ مون ڏٺو تہ ھڪڙو ڪارو گھوڙو نظر آيو. ان جي سوار جي ھٿ ۾ تارازي ھئي.

6 مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“

7 جڏھن گھيٽي چوٿين مُھر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساھواري کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اچ،“

8 ۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين.

9 جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.

10 انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“

11 انھن مان ھر ھڪ کي پاڪ صاف پھراڻ ڏنو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوھين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوھان سان گڏ خدمت ڪندڙ ۽ اوھان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوھان وانگر قتل ڪيا ويندا.“