6 مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“
7 جڏھن گھيٽي چوٿين مُھر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساھواري کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اچ،“
8 ۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين.
9 جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربانگاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.
10 انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“
11 انھن مان ھر ھڪ کي پاڪ صاف پھراڻ ڏنو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوھين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوھان سان گڏ خدمت ڪندڙ ۽ اوھان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوھان وانگر قتل ڪيا ويندا.“
12 جڏھن گھيٽي ڇھين مُھر ٽوڙي تڏھن مون ڏٺو تہ ھڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج ڏاس جي کٿي جھڙو ڪارو ٿي پيو ۽ سڄو چنڊ رت جھڙو ٿي پيو.