مڪاشفو 7:2-8 SCLNT

2 پوءِ مون ھڪ ٻئي ملائڪ کي زندہ خدا جي مُھر کنيو اڀرندي کان مٿي ايندي ڏٺو ۽ جن چئن ملائڪن کي اھو اختيار ڏنو ويو ھو تہ اھي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انھيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ

3 ”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“

4 مون ٻڌو تہ جن کي مُھر ھنئي ويئي، تن جو تعداد ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ھو. اھي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن مان ھئا، يعني:

5 يھوداہ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي،روبن جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،گد جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،

6 آشر جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،منسيءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،

7 شمعون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،لاويءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،اِسڪار جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،

8 زبولون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،يوسف جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي.