9 انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.
10 اُھي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ”ڇوٽڪارو اسان جي خداوند جي طرفان آھي،جيڪو تخت تي ويٺو آھي،۽ گھيٽي جي طرفان بہ.“
11 سڀيئي ملائڪ ان تخت، انھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن جي چوڌاري بيھي رھيا ۽ تخت جي اڳيان منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري
12 چوڻ لڳا تہ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف،جلال، حڪمت، شڪرگذاري،عزت، قدرت ۽ طاقت،ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“
13 انھن بزرگن مان ھڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي پاڪ صاف پھراڻ پايو بيٺا آھن، اُھي ڪير آھن ۽ ڪٿان آيا آھن؟“
14 مون جواب ڏنو تہ ”اي منھنجا سائين! توھان ئي ڄاڻو ٿا.“ ھن مون کي چيو تہ ”ھي اُھي آھن جيڪي وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آھن. انھن پنھنجا پھراڻ ڌوتا ۽ گھيٽي جي رت ۾ پاڪ صاف ڪيا آھن.
15 انھيءَ ڪري ھي خدا جي تخت جي اڳيان آھن ۽ رات ڏينھن سندس ھيڪل ۾ عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، سو ھنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو.