1 جڏھن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان زمين تي ھڪ تارو ڪريل ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاھہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.
2 ھُن اوڙاھہ واري کڏ کولي تہ اُن مان وڏي کُوري وانگر دونھون نڪرڻ لڳو. انھيءَ کڏ جي دونھين جي ڪري سج ۽ ھوا اونداھا ٿي پيا.
3 اُن دونھين مان زمين تي مڪڙ نڪري آيا ۽ کين ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري زمين جي وِڇُن کي آھي.
4 انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“