مڪاشفو 9:11-17 SCLNT

11 اوڙاھہ وارو ملائڪ انھن جو بادشاھہ ھو. انھيءَ جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آھي، جن جي معنيٰ آھي ”ناس ڪندڙ.“

12 پھرين مصيبت گذري ويئي، پر ٻہ ٻيون مصيبتون اڃا باقي آھن، جيڪي ھن کان پوءِ اينديون.

13 جڏھن ڇھين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون ھڪڙو آواز ٻڌو. اھو آواز انھيءَ سوني قربان⁠گاھہ جي سڱن وارين چئني ڪنڊن کان اچي رھيو ھو، جيڪا خدا جي آڏو رکيل ھئي.

14 اُن آواز انھيءَ توتاري واري ڇھين ملائڪ کي چيو تہ ”جيڪي چار ملائڪ وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آھن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“

15 پوءِ انھن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اُھي ملائڪ ان خاص مھل، ڏينھن، مھيني ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا ھئا.

16 مون ٻڌو تہ گھوڙي سوارن جو تعداد ويھہ ڪروڙ ھو.

17 مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي زرھن جو رنگ ڄڻ تہ باھہ وانگر ڳاڙھو، نيرو ۽ گندرف جھڙو پيلو ھو. انھن گھوڙن جا منھن شينھن جي منھن جھڙا ھئا ۽ سندن وات مان باھہ، دونھون ۽ گندرف پئي نڪتو.