مڪاشفو 9:15-21 SCLNT

15 پوءِ انھن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اُھي ملائڪ ان خاص مھل، ڏينھن، مھيني ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا ھئا.

16 مون ٻڌو تہ گھوڙي سوارن جو تعداد ويھہ ڪروڙ ھو.

17 مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي زرھن جو رنگ ڄڻ تہ باھہ وانگر ڳاڙھو، نيرو ۽ گندرف جھڙو پيلو ھو. انھن گھوڙن جا منھن شينھن جي منھن جھڙا ھئا ۽ سندن وات مان باھہ، دونھون ۽ گندرف پئي نڪتو.

18 اُھي ٽيئي آفتون يعني باھہ، دونھون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي منھن مان پئي نڪتيون، تن انسانن جو ٽيون حصو ماري ڇڏيو.

19 انھن گھوڙن جو زور سندن واتن ۽ پڇن ۾ ھو، ڇالاءِ⁠جو انھن جا پڇ نانگن جھڙا ھئا ۽ انھن پڇن ۾ سسيون بہ ھيون جن سان ھنن ايذاءُ ٿي رسايو.

20 جيڪي ماڻھو باقي بچيا جن کي انھن آفتن نہ ماريو، تن نہ توبھہ ڪئي ۽ نڪي ھنن پنھنجن بڻايل بتن کي ڇڏيو. اُھي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺھيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيتوڻيڪ اھڙيون شيون نہ ڏسي سگھن ٿيون، نہ ٻڌي سگھن ٿيون ۽ نڪي گھمي ڦري سگھن ٿيون.

21 انھيءَ کان سواءِ ھنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبھہ نہ ڪئي.