5 مڪڙن کي اھو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انھن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مھينن تائين عذاب ڏيندا رھن. ھنن جو عذاب اھڙو ھو جھڙو وِڇُونءَ جو ماڻھن کي ڏنگڻ.
6 انھن ڏينھن ۾ ماڻھو موت کي ڳوليندا پر لھي نہ سگھندا، ھو مرڻ چاھيندا پر موت کانئن پيو ڀڄندو.
7 اھي مڪڙ ائين نظر اچي رھيا ھئا، جھڙا جنگ لاءِ تيار ڪيل گھوڙا. انھن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جھڙا تاج ھئا ۽ سندن منھن انسانن جھڙا ھئا.
8 انھن جا وار عورتن جھڙا ھئا ۽ سندن ڏند شينھن جي ڏندن جھڙا ھئا.
9 انھن وٽ لوھہ جھڙيون زرھون ھيون ۽ سندن پرن جي آواز مان ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاھي پيا ھجن.
10 انھن جا پڇ ۽ ڏنگ وِڇن جھڙا ھئا ۽ انھن جي پڇن ۾ ماڻھن کي پنجن مھينن تائين ايذاءُ رسائڻ جي طاقت ھئي.
11 اوڙاھہ وارو ملائڪ انھن جو بادشاھہ ھو. انھيءَ جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آھي، جن جي معنيٰ آھي ”ناس ڪندڙ.“