4 ڪلام ئي زندگي ڏيندڙ ھو ۽ اھا زندگي ئي انسانن لاءِ روشني ھئي.
5 روشني اوندھہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندھہ ڪڏھن بہ روشنيءَ تي غالب نہ آئي آھي.
6 يحيٰ نالي ھڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا وٽان موڪليو ويو ھو.
7 اھو شاھد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاھدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻھو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين.
8 ھو پاڻ تہ روشني نہ ھو، پر روشنيءَ بابت شاھدي ڏيڻ لاءِ آيو ھو.
9 اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي.
10 ڪلام دنيا ۾ ھو ۽ ھن جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي، تہ بہ دنيا ھن کي نہ سڃاتو.