42 پوءِ ھو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ ھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آھين، تون ڪيفا جي نالي سان سڏبين.“
43 ٻئي ڏينھن تي عيسيٰ گليل ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھو وڃي فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“
44 فلپس بيتصيدا شھر جو ويٺل ھو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رھندا ھئا.
45 فلپس نٿنايل سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنھن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آھي، سو اسان کي ملي ويو آھي. اھو يوسف جو پٽ عيسيٰ آھي ۽ ناصرت کان آيو آھي.“
46 نٿنايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“
47 جڏھن عيسيٰ نٿنايل کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو، تڏھن سندس بابت چيائين تہ ”اِجھو، ھي بني اسرائيل جو سچو ماڻھو اٿوَ، ھن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آھي.“
48 تنھن تي نٿنايل کانئس پڇيو تہ ”اوھين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺان ڏٺو ھو.“