48 تنھن تي نٿنايل کانئس پڇيو تہ ”اوھين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺان ڏٺو ھو.“
49 نٿنايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“
50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“
51 پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابنآدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“