5 اھي ڪنھن ڌارئي جي پٺيان نہ ھلنديون، بلڪ انھيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻتہ اھي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“
6 عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي.
7 سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان.
8 ٻيا جيڪي بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي.
9 آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس.
10 چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين.
11 آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو.