4 عيسيٰ اھو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اھا بيماري موت واري نہ آھي، بلڪ انھيءَ سان خدا جو جلال ظاھر ٿيندو، ڇالاءِجو سندس فرزند جي واکاڻ ٿيندي.“
5 عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو.
6 مگر لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود بہ ھو جتي ھو اتي ٻہ ڏينھن وڌيڪ ترسي پيو.
7 پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“
8 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ماڻھو اوھان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ اوھين وري اوڏانھن موٽي ھلو ٿا؟“
9 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ھڪ ڏينھن ۾ ٻارھن ڪلاڪ نہ آھن؟ سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻتہ ھو دنيا جي روشني ڏسي رھيو آھي.
10 پر جيڪڏھن ھو رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻتہ ھن کي روشني نہ آھي.“