10 تنھنڪري سردار ڪاھنن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سٽيون،
11 ڇالاءِجو لعزر جي ڪري ڪيترن ئي يھودين انھن کي ڇڏي عيسيٰ تي ايمان آندو ھو.
12 ٻئي ڏينھن تي وڏو ميڙ جيڪو عيد فصح تي آيو ھو تنھن ٻڌو تہ عيسيٰ يروشلم ۾ اچي رھيو آھي.
13 سو انھن کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيون ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاھہ مبارڪ، مبارڪ!“
14 عيسيٰ کي ھڪ کودڙو ملي ويو ۽ ھو مٿس چڙھي ويٺو، جيئن لکيل آھي تہ
15 ”اي صيئون جا شھر! ڊڄ نہ،ڏس، تنھنجو بادشاھہ اچي پيو،جيڪو کودڙي تي سوار آھي.“
16 سندس شاگردن کي پھريائين تہ اھي ڳالھيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏھن عيسيٰ جو جلوو ظاھر ٿيو، تڏھن انھن کي ياد آيو تہ اھي ئي ڳالھيون ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھن ۽ ائين ئي ماڻھن ساڻس سلوڪ ڪيو.