19 تنھن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ڪو ليکي بہ نہ ٿو. پر ھن کي تہ ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان پيئي ھلي!“
20 جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا.
21 اھي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شھر بيتصيدا جو ويٺل ھو ۽ چيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ کي ڏسڻ چاھيون ٿا.“
22 فلپس اچي اندرياس کي اھا ڳالھہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنھي وڃي عيسيٰ کي ٻڌايو.
23 عيسيٰ کين چيو تہ ”اھا گھڙي اچي پھتي آھي، جڏھن ابنآدم جو جلوو ظاھر ٿيندو.
24 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رھي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيئي داڻا پيدا ڪري ٿو.
25 جيڪو بہ پنھنجيءَ جان سان پيار ڪري ٿو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو ھن دنيا ۾ پنھنجيءَ جان کان نفرت ڪري ٿو سو اھا دائمي زندگيءَ لاءِ بچائيندو.