يوحنا 12:22-28 SCLNT

22 فلپس اچي اندرياس کي اھا ڳالھہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنھي وڃي عيسيٰ کي ٻڌايو.

23 عيسيٰ کين چيو تہ ”اھا گھڙي اچي پھتي آھي، جڏھن ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيندو.

24 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رھي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيئي داڻا پيدا ڪري ٿو.

25 جيڪو بہ پنھنجيءَ جان سان پيار ڪري ٿو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو ھن دنيا ۾ پنھنجيءَ جان کان نفرت ڪري ٿو سو اھا دائمي زندگيءَ لاءِ بچائيندو.

26 جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“

27 ”منھنجي دل ڏکويل آھي، ھاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي ھن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر ھن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آھيان.

28 اي بابا! تون پنھنجي نالي کي جلوو ڏي.“ تنھن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنھنجي نالي کي جلوو ڏنو آھي ۽ وري بہ ڏيندس.“