يوحنا 12:24-30 SCLNT

24 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رھي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيئي داڻا پيدا ڪري ٿو.

25 جيڪو بہ پنھنجيءَ جان سان پيار ڪري ٿو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو ھن دنيا ۾ پنھنجيءَ جان کان نفرت ڪري ٿو سو اھا دائمي زندگيءَ لاءِ بچائيندو.

26 جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“

27 ”منھنجي دل ڏکويل آھي، ھاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي ھن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر ھن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آھيان.

28 اي بابا! تون پنھنجي نالي کي جلوو ڏي.“ تنھن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنھنجي نالي کي جلوو ڏنو آھي ۽ وري بہ ڏيندس.“

29 تڏھن جيڪي ماڻھو اتي بيٺا ھئا، تن مان ڪن اھو ٻڌي چيو تہ ”اُڀ گجيو،“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو آھي.“

30 پر عيسيٰ کين چيو تہ ”اھو آواز منھنجي لاءِ نہ پر اوھان جي لاءِ ھو.