يوحنا 12:35-41 SCLNT

35 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان.

36 جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ھن چوڻ کان پوءِ عيسيٰ ھليو ويو ۽ پاڻ کي انھن کان لڪايائين.

37 جيتوڻيڪ عيسيٰ يھودين جي اڳيان ھيترا معجزا ڪيا ھئا تہ بہ انھن مٿس ايمان نہ آندو ھو.

38 اھو انھيءَ لاءِ تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ چيو ھو سو پورو ٿئي تہ”اي خداوند! ڪنھن اسان جي پيغام تي ايمان آندو؟۽ ڪنھن تي تو خداوند جي قدرت ظاھر ٿي؟“

39 اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ⁠تہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ

40 ”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي،تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن،۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہآءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“

41 يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين.