37 جيتوڻيڪ عيسيٰ يھودين جي اڳيان ھيترا معجزا ڪيا ھئا تہ بہ انھن مٿس ايمان نہ آندو ھو.
38 اھو انھيءَ لاءِ تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ چيو ھو سو پورو ٿئي تہ”اي خداوند! ڪنھن اسان جي پيغام تي ايمان آندو؟۽ ڪنھن تي تو خداوند جي قدرت ظاھر ٿي؟“
39 اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻتہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ
40 ”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي،تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن،۽ مون آڏو توبھہتائب ٿين تہآءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
41 يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين.
42 تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادتگاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين.
43 انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو.