يوحنا 12:38-44 SCLNT

38 اھو انھيءَ لاءِ تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ چيو ھو سو پورو ٿئي تہ”اي خداوند! ڪنھن اسان جي پيغام تي ايمان آندو؟۽ ڪنھن تي تو خداوند جي قدرت ظاھر ٿي؟“

39 اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ⁠تہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ

40 ”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي،تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن،۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہآءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“

41 يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين.

42 تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادت⁠گاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين.

43 انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو.

44 پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو نہ رڳو مون تي ايمان ٿو آڻي، پر انھيءَ تي بہ ايمان آڻي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.