42 تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادتگاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين.
43 انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو.
44 پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو نہ رڳو مون تي ايمان ٿو آڻي، پر انھيءَ تي بہ ايمان آڻي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.
45 جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انھيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.
46 آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي.
47 جيڪو منھنجون ڳالھيون ٻڌي انھن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنھن جو آءٌ فيصلو نہ ڪندس. آءٌ دنيا ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ نہ آيو آھيان پر دنيا کي بچائڻ لاءِ آيو آھيان.
48 جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون.