5 تنھن چيو تہ ”ڇو نہ ھي عطر ٽن سَوَن چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ھا.“
6 ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِجو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.
7 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇوتہ ھن اھو عطر منھنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو ھو.
8 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“
9 يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيتعنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.
10 تنھنڪري سردار ڪاھنن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سٽيون،
11 ڇالاءِجو لعزر جي ڪري ڪيترن ئي يھودين انھن کي ڇڏي عيسيٰ تي ايمان آندو ھو.