يوحنا 13:1-7 SCLNT

1 ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو.عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾

2 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري.

3 عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘

4 تڏھن عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنھنجو جبو لاھي ٽوال چيلھہ سان ٻڌائين.

5 پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالھہ ۾ وجھي پنھنجي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلھہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو.

6 جڏھن شمعون پطرس وٽ آيو تہ ھن چيس تہ ”اي خداوند! ڇا اوھين منھنجا بہ پير ڌوئيندا؟“

7 عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون ھاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رھيو آھيان، پر پوءِ تو کي خبر پوندي.“