19 ھاڻي انھيءَ ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوھان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻيو تہ آءٌ اھو ئي آھيان.
20 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“
21 جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“
22 تنھن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اھو اشارو ڪنھن ڏانھن آھي؟“
23 شاگردن مان ھڪڙو جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانھن جھُڪي کائي رھيو ھو.
24 شمعون پطرس ھن کي اشارو ڏيئي چيو تہ ”ھن کان پڇ تہ اھو ڪير آھي، جنھن بابت ھو ڳالھائي رھيو آھي.“
25 پوءِ ھن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو ھوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اھو ڪير آھي؟“