25 پوءِ ھن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو ھوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اھو ڪير آھي؟“
26 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ جنھن ماڻھوءَ کي ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اھو آھي.“ پوءِ ھن مانيءَ جو گرھہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يھوداہ کي ڏنو.
27 جيئن ئي يھوداہ گرھہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس گھڙيو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آھي سو جلدي ڪري وٺ.“
28 ھاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنھن بہ نہ سمجھيو تہ ڪھڙي مطلب سان عيسيٰ يھوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو.
29 ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يھوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رھندي آھي، تنھنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ’عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،‘ يا وري ’ڪجھہ غريبن کي ڏي.‘
30 پوءِ تہ يھوداہ گرھہ وٺي سڌو ٻاھر نڪري ھليو ويو. انھيءَ مھل رات جو وقت ھو.
31 يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابنآدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو.