يوحنا 13:27-33 SCLNT

27 جيئن ئي يھوداہ گرھہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس گھڙيو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آھي سو جلدي ڪري وٺ.“

28 ھاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنھن بہ نہ سمجھيو تہ ڪھڙي مطلب سان عيسيٰ يھوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو.

29 ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يھوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رھندي آھي، تنھنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ’عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،‘ يا وري ’ڪجھہ غريبن کي ڏي.‘

30 پوءِ تہ يھوداہ گرھہ وٺي سڌو ٻاھر نڪري ھليو ويو. انھيءَ مھل رات جو وقت ھو.

31 يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو.

32 جيڪڏھن خدا جو جلوو ابن⁠آدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس.

33 اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان.