يوحنا 13:30-36 SCLNT

30 پوءِ تہ يھوداہ گرھہ وٺي سڌو ٻاھر نڪري ھليو ويو. انھيءَ مھل رات جو وقت ھو.

31 يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو.

32 جيڪڏھن خدا جو جلوو ابن⁠آدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس.

33 اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان.

34 آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.

35 جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“

36 شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان اتي تون مون سان ھاڻي نہ ٿو ھلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“