يوحنا 13:33-38 SCLNT

33 اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان.

34 آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.

35 جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“

36 شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان اتي تون مون سان ھاڻي نہ ٿو ھلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

37 پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان ھاڻي ڇو نہ ٿو ھلي سگھان؟ آءٌ تہ تنھنجي لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“

38 عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ⁠پچ منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون منھنجو ٽي دفعا انڪار ڪندين.“