9 تنھن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منھنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منھنجا ھٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“
10 عيسيٰ چيس تہ ”جيڪو وھنتل آھي تنھن کي پيرن ڌوئارڻ کانسواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آھي، ڇالاءِجو ھو سڄو ئي پاڪ آھي. سو اوھين بہ پاڪ آھيو پر سڀيئي نہ.“
11 ان جو سبب اھو ھو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر ھئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنھنڪري ھن چيو تہ ”اوھين سڀيئي پاڪ نہ آھيو.“
12 جڏھن عيسيٰ شاگردن جا پير ڌوئي چڪو تہ جبو پائي وري پنھنجي جاءِ تي اچي ويٺو. ھن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوھان سمجھيو تہ مون اوھان لاءِ ڇا ڪيو؟
13 اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻتہ آءٌ اھو ئي آھيان.
14 ھاڻي مون استاد ۽ خداوند ھوندي بہ اوھان جا پير ڌوتا آھن، سو اوھان کي بہ ھڪٻئي جا پير ڌوئڻ گھرجن.
15 مون اوھان جي لاءِ اھو نمونو ڏنو آھي، تہ جيئن اوھين بہ ائين ئي ڪريو جيئن مون اوھان سان ڪيو آھي.